پاڪستان ۾ رهندڙ مائٽ پسند نه ٿا ڪن ته مان پاڪستان مخالف ڪردار ادا ڪريان: سيف علي خان

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ڇوٽي نواب سيف علي خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ مائٽ پسند نه ٿا ڪن ته هو پاڪستان مخالف ڪردار ادا ڪري، ڀارتي هدايتڪار ڪبير خان فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ نئين فلم ”فينٽم“ آڻي رهيو آهي، خابرو اداري موجب نئين فلم جي پروموشن لاءِ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ سيف علي خان، ڪترينا ڪيف ۽ هدايتڪار ڪبير خان شريڪ ٿيا، سيف علي خان سوالن جي جواب ۾ چيو ته تازو ئي هڪ مائٽ ڳالهايو هو، هن جو چوڻ هو ته هِت پاڪستان مخالف ڪردار ڪير به پسند ناهي ڪندو ۽ اسان مان ڪو به اينٽي پاڪستان ڪردار يا اهڙي فلم ڪرڻ پسند ناهي ڪندو جنهن ۾ پاڪستان تي تنقيد ٿيل هجي. ڊائريڪٽر ڪبير خان ”بجرنگي ڀائي جان“ جي ڪاميابيءَ تي خوش ٿيندي چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته پاڪستان دهشتگردن جي نمائندگي ٿو ڪري، پاڪستان ۾ رهندڙ امن پسند آهن، هن چيو ته ڀارت ۾ خراب ذهنيت موجود آهي، جيڪا پاڪستاني دهشتگردن جي نمائندگي ڪري رهي آهي. مان ”بجرنگي ڀائي جان“ جو ڊائريڪٽر آهيان ۽”فينٽم“ جو به، ٻنهي فلمن ۾ پاڪ-ڀارت ماڻهن وچ ۾ رابطو وڌائڻ جو پيغام آهي.ڪانفرنس دوران صحافي ڪبير خان تي ڏمرجي پيا ۽ چيو ته ڪبير ٻڌائي ته ڀارت ۾ ڪير انتها پسند آهي، جنهن تي ڪبير خان چيو ته اوهان ان زبان ۽ لهجي ۾ نه ٿا ڳالهائي سگھو، آرام سان ڳالهايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *