پاڪستان ۾ ”را“ جي مداخلت جا ثبوت گڏيل قومن کي ڏئي ڇڏيا آهن: نواز شريف

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ ”را“ جي مداخلت جا گڏيل قومن کي دستاويز ڏنا آهن، پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب بعد نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هندستان کي ڪشمير مان فوج جي نيڪالي جي تجويز ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته فوج جي نيڪالي سان ڪشميرين سان گڏ هندستان کي به فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي 70هين اجلاس جي پنهنجي اهميت آهي، بان ڪي مون سان اهم معاملن تي کليل ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن سان عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪري پنهنجو موقف دنيا آڏو پيش ڪيو ويو. وزير اعظم چيو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني آهي. نواز شريف چيو ته اجلاس دوران جان ڪيري ۽ بل گيٽس سان پڻ ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جو ڪردار جمهوري هجڻ گهرجي،پاڪستان ۾ را جي مداخلت جا دستاويز گڏيل قومن کي ڏنا آهن،ڪشمير مان ڀارتي فوج جي نيڪالي ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *