پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪوئي ٺڪاڻو موجود ناهي : پاڪ فوج

تهران  (اين اين آءِ) پاڪ فوج جو ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪوئي ٺڪاڻو موجود ناهي، ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ايراني ميڊِيا کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪووششن جي حوالي سان پريس بريفنگ ڏني ، هن  ٻڌايو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ان حوالي سان هر قسم جي قدم جي همايت ڪري ٿو هن چيو ته پاڪستان  امن جي لاءِ پنهنجي سرحد اندر ڀرپور ڪاروايون ڪيون ۽ هن وقت پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ٺـڪاڻو ناهي  هن چيو ته داعش افغانستان ۾ پنهنجا پير پختا ڪري رهي آهي. جنهن سبب خطي جي لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ شدت پسند تنظيم کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ خطي جي سمورن ملڪن کي گڏيل سوچ رکيڻي پوندي، ڊِي جي آئي ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ ايران سرحد کي دوستي ۽ امن جي سرحد ڪوٺِيو آهي، اسان پنهنجي سرحد ايران سميت ڪنهن به خطي جي لاءِ اسعمال ٿيڻ نه ڏينداسي، ميجر جنرل آصف غفور ايران جي روحاني پيشوا آيت الله اي خامنائي  پاران ڪشمير جي همايت ۾ بيان ڏيڻ تي ان جو  شڪريو  ادا ڪيو  ۽ چيو ته خطي ۾ جٽادار امن  ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق حل نه ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *