پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث ڪيترائي دهشتگرد افغانستان ۾ آهن: نواز شريف

لنڊن (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف صاف لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ معاهدو آهي ته اسان پنهنجي سرزمين هڪٻئي جي خلاف ڪنهن دهشتگرد کي استعمال نه ڪرڻ ڏينداسين، پاڪستان ان معاهدي تي سختي سان ڪاربند آهي ۽ افغانستان به ان جي خلاف ورزي نه ڪري رهيو آهي. جنيوا کان لنڊن پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪيترائي دهشتگرد عنصر افغانستان ۾ آهن جيڪي پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث آهن جنهن ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۽ تازو ئي چارسده يونيورسٽي تي ٿيندڙ حملو شامل آهي. هن چيو ته افغانستان جي هڪ چونڊيل حڪومت، هٿياربند فوج ۽ انٽيلي جنس ادارا آهن ۽ اها انهن جي ذميداري آهي ته هو ڪارروائي ڪن، هن چيو ته ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته هاڻي انهن جي روڪٿام ۽ ازالو ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان افغان امن عمل جي حمايت ڪريون ٿا، جنهن سان خطي ۾ استحڪام ايندو، هن چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ طئي ٿيو ته پاڪستان، افغانستان، چين ۽ آمريڪا تي ٻڌل 4 رڪني ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن تي اها ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ان ڪميٽي جو تازو ئي ڪابل ۾ اجلاس ٿيو، جيڪو خوش آئنده هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *