پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ۽ دهشتگردي گهٽ ٿي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير مريم زورنگزيب چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ مردم شماري تي اتفاق ٿيو، مردم شماري آئيني ذميداري آهي، هن چيو ته صحيح انگن اکرن سان فيصلو ڪرڻ حڪومت جو ويزن آهي، هن چيو ته مردم شماري لاءِ فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي، مردم شماري جو عمل مارچ کان مئي تائين جاري رهندو، پهرين مرحلو 15 مارچ کان 15 اپريل تائين جاري رهندو، ٻيو مرحلو 25 اپريل کان 25 مئي تائين جاري رهندو، هن چيو ته مردم شماري ۾ مقامي ماڻهن کي استعمال ڪيو ويندو، ماضيءَ ۾ مردم شماري ۾ دير جا مختلف سبب هئا، مريم اورنگزيب چيو ته پهريون ڀيرو مردم شماري ۾ کدڙن فقيرن جي به داخلا ڪئي ويندي. مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي، حڪومت جي محنت سبب ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ دهشتگرديءَ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام دهشتگردن خلاف ويڙهه بهادري سان وڙهي آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، حڪومت مخلتف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري رهي آهي، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ٿي رهي آهي،پاڪستان لاءِ قربانيون ڏيندڙ کي هــُو سلام پيش ڪري ٿي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *