پاڪستان ۾ جمهوريت سان گڏ پارليامينٽ به يرغمال آهي: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت سان گڏ پارليامينٽ به يرغمال آهي ملڪ ۾ اصل جمهوريت هجي ۽ عوام کي آزاداڻي بنياد تي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ملي ته جماعت اسلامي به اقتدار ۾ اچي سگهي ٿي ايم ڪيو ايم تشدد ۽ طاقت جي سياست ڇڏي ڏي ته گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون الله جا گهر ڊاهڻ جون ڳالهيون مناسب نه آهن مولانا عبدالعزيز ڪوئي ڏوهه ڪيو آهي ته قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي هڪ انٽرويو ۾ سراج الحق چيو ته مغل ۽ انگريزن جي دور کان حڪمراني ڪرائيندڙ خاندان هاڻي به اقتدار ۾ آهن هڪ سوال جي جواب ۾ ڪي پي ڪي جي اڳوڻي ناڻي وزير چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي اسٽيبلشمينٽ جي اتحادي هجي ها ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ وانگر اسان کي به اقتدار ملي ها. 21هين آئيني ترميم ۾ مخالفت جي حوالي سان سراج الحق چيو ته دهشتگردي ۾ ڪنهن قسم جو فرق نه ڪيو وڃي ان لاءِ دهشتگرد ڪوئي به هجي ان کي سزا ڏني وڃي سراج الحق چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڪڏهن به واضح ناهي رهي ۽ نه ئي قومي اسيمبلي ۾ ان تي ڳالهه ٿئي ٿي جڏهن ته آمريڪا اسان سان لاشن جي سياست ڪري ٿو جڏهن ته هندستان سان سول نيوڪيئر معاهدا ڪري هٿو ڪشمير مسئلي جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هندستان جو ميڊيا ان حوالي سان وڌيڪ ڳالهائي ٿو جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڄ به پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *