پاڪستان ۾ ايندڙ پي ايس ايل تحريڪ انصاف جي دور ۾ ٿيندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ پي ايس ايل تحريڪ انصاف جي دور ۾ ٿيندو، هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ ڦٽيچر نجم سيٺي کان سٺو ڪنداسين، اسان پاڪستان ۾ علائقائي ڪرڪيٽ جو نظام آڻينداسين، اسان اهڙي ٽيم ٺاهينداسين، جيڪا ورلڊ ڪپ کٽي اچي، عمران خان چيو ته اسان خيبر پختونخواهه ۾ 70 اسپورٽس گرائونڊ بڻائي چڪا آهيون، پي سي بي کي هڪ ادارو بڻائينداسين، اسان ريلو ڪٽن نه ٻاهرين ڪوالٽي وارن رانديگرن کي آڻينداسين، گرائونڊ هوندا ته نئون ٽئلينٽ سامهون ايندو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته راندين مان سفارشي نظام جو خاتمو آڻينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *