پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال تيزي سان بهتر ٿي آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان عالمي اسلامڪ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو علي بن عبدالله الثاني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب عالمي اسلامڪ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو شيخ علي بن عبدالله الثاني جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي سهڪار تي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي ۽ ان سان ملڪ ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري سان پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ملي آهي. اسلامڪ بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو شيخ علي بن عبدالله الثاني چيو ته مستقل امن سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *