پاڪستان ۽ چين ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن کي محفوظ توڙي اعليٰ معيار جو بڻائڻ تي اتفاق

بيجنگ(م.د) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي به پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. گهرو وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ چين جي تعاون جا ٿورائتا آهيون  هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين مٿان ٿيندڙ تازن دهشتگرد حملن جي مذمت ڪري ٿو، چيني شهرين مٿان حملو ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان تعاون ڪيو. پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم طرفان چين لاءِ نيڪ خواهشون آنديون آهن. منهنجو دورو ٻطرفن لاڳاپن جي 71هين سالگره جي موقعي تي اهميت جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي چين سان دوستي نه صرف علاقائي پر عالمي امن جي لاءِ به ضروري آهي. مون کي بطور پرڏيهي وزير طور تي چين جي پهرين دوري تي خوشي ٿي رهي آهي. سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بنايو پيو وڃي.  پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، ڪنهن کي به پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *