پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هميشه آزمائش جي گهڙي ۾ هڪٻئي جي اميدن تي پورا لٿا آهن:آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هميشه آزمائش جي گهڙي ۾ هڪٻئي جي اميدن تي پورا لٿا آهن.  جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرلراحيل شريف سان چين جي اعليٰ سطحي فوجي وفد ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي قيادت جو 11 سالن ۾ پهريون دورو آهي، چيني فوجي وفد جي قيادت جنرل فين چينگ لونگ ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ سڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته چين ۽ پاڪستان جو سٺو پاڙيسري ۽ ويجهو دوست آهي،  ٻنهي ملڪن ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هميشه آزمائش جي گهڙي ۾ هڪٻئي جي اميدن تي پورا لٿا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقل ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا. چين جي فوجي وفد دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪندي چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪ لاءِ فائديمند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *