پاڪستان ۽ چين آئرن برادر ملڪ آهن، دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب کي انجام تائين پهچايو ويندو: صدر

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين اقتصادي راهداري منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ واري عزم کي ورجايو آهي، صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر ملڪ آهن، دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب کي انجام تائين پهچايو ويندو. چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهتل صدر ممنون حسين بيجنگ ۾ چيني هم منصب شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن، ٻه طرفن معاملن ۽ علائقائي توڙي عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر ممنون حسين ٻـِي جنگ عظيم جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي چيني هم منصب جو ٿورو مڃيو. صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن هميشه ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صدر چيو ته فاشزم خلاف چيني عوام جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.  صدر ممنون حسين، چيني هم منصب جي پاڪستان دوري کي تاريخي قرار ڏيندي چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي تي عمل جاري آهي، جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. صدر وڌيڪ چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، جنهن کي انجام تائين پهچايو ويندو.  ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *