پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي جوهري هٿيارن ۾ لاڳيتو واڌ ڪري رهيا آهن: عالمي اداري جي رپورٽ

اسٽاڪ هوم (م.ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت سڄي دنيا ۾ جوهري هٿيارن جي انگ ۾ گهٽتائي جي لاڙي باوجود پنهنجي جوهري اثاثن کي وڌائي رهيا آهن. عالمي ميڊيا موجب سويڊن جي گادي واري هنڌ اسٽاڪ هوم ۾ قائم پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ايس آءِ پي آر آءِ) پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ چيو آهي ته عالمي سطح تي هٿيارن جي گهٽتائي واري لاڙي باوجود جوهري هٿيارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي. 0 1 0 2 ع کان 5 1 0 2 ع وچ ۾ 0 9  سيڪڙو جوهري هٿيار رکندڙ آمريڪا ۽ روس وڏي انگ ۾ نيوڪليئر وار هيڊز ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ پوري دنيا ۾ موجود 0 0 4 2 2  وار هيڊز گهٽجي 0 5 8 5 1  ٿي ويا آهن، پر انکانپوءِ به انهن ملڪن ”ڊگها ۽ مهانگا گهڻي مدي وارا ماڊرنائزيشن پروگرام“ به تيار ڪيا آهن. رپورٽ مطابق تسليم ٿيل جوهري طاقت رکندڙ ٻين ٽن  وڏن ملڪن ۾ چين وٽ 0 6 2 ، فرانس وٽ 0 0 3  ۽ برطانيا وٽ 5 1 2  وار هيڊز آهن. اهي ٽئي ملڪ به جوهري هٿيارن جو نئون نظام جوڙي رهيا آهن يا جوهري هٿيارن کي ترقي ڏئي رهيا آهن. ٻين ائٽمي ملڪن ۾ ڀارت وٽ 0 9  کان 0 0 1  وار هيڊز، پاڪستان وٽ 0 0 1  کان 0 2 1  وار هيڊز ۽ اسرائيل وٽ 0 8  وار هيڊز آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان لڳاتار پنهنجي جوهري هٿيارن ۾ واڌ ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسرائيل ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل جا تجربا ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *