پاڪستان ۽ ڀارت وٽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي: اعتزاز احسن/خورشيد قصوري/شاهد ملڪ

لاهور (اين اين آءِ) پاڪسيتان ۽ ڀارت وٽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي اهو مسئلو جنگ کان نه پر ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو ڪنهن به قسم جي جاچ کانسواءِ باچاخان يونيورسٽي تي حملي جو الزام ڀارت نه لڳائڻ گهرجي اسان کي ڀارت کي شڪ جو فائدو ڏيڻ گهرجي پوءِ ئي معاملا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿا جنگ مسئلن جو حل ناهي انهي سان مسئلا وڌندا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار خورشيد محمود قصوري، اعتزاز احسن، اڳوڻو هاءِ ڪمشنر ڀارت شاهد ملڪ ريٽائرڊ جنرل غلام مصطفيٰ، احمد رشيد، ڊاڪٽر محمد وسيم جنرل سيڪريٽري سائوٿ ايشيا، فري ميڊيا ايسوسيئيشن امتياز عالم ۽ ٻين سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسيويئيشن جي اهتمام هيٺ پاڪ ڀارت برف ڳرڻ جي آئوٽ آف باڪس سلوشنز جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب دوران ڪيو. خورشيد محمودقصوري چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڪو ئي آئوٽ آف باڪس حل آهي ئي نه سواءِ ڳالهين جي هن وقت ٻنهي ملڪن وٽ ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو به دڳ ناهي هن چيو ته جڏهن به ٻئي ملڪ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ويجهو اچڻ شروع ڪن ٿا ۽ ڳالهه ٻولهه بهتر ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ته ڪو نه ڪوئي واقعو ٿي وڃي ٿو ۽ هي واقعو بي معنيٰ نه ٿو ٿئي پر اهو اسڪرپٽ ۾ لکيل هوندو آهي هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل ۾ اڄ تائين جيتري به اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ پاڪستان آرمي جي مدد شامل آهي هي مسئلو جنگ سان نه پر صرف صرف ڳالهين سان حل ٿيندو. بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي پر ان سان مسئلا وڌن ٿا هاڻي اسان کي آئوٽ آف باڪس سلوشن ئي تلاش ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *