پاڪستان ۽ ڀارت بامقصد ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت بامقصد  ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ واپار ۽ ڪشمير جي مسئلي سميت سمورا اشوز شامل ٿيڻ گهرجن وفاقي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار آمريڪي نائب پرڏيهي وزير مس ڪيٿرين نوويل سان ملاقات ڪئي ۽ 22 مهينن دوران پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جي تفصيل کان آگاهه ڪيو ناڻي وزير آمريڪي نائب پرڏيهي وزير کي پرڏيهي ناڻي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ناڻي واڌ جي شرح ۾ لاٿ ۽ ٻين قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته آمريڪا پاران پاڪستان کي آمريڪا پاڪستان ڪلين توانائي چئلينج ۾ پاڪستان کي شامل ٿيڻ جي تجويز ڏني جنهن جي تحت آمريڪا خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ تعاون ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *