پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن جي سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ اڄ پرو ويڊس ۾ کيڏي ويندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ اڄ جمعو 7 اپريل تي پرو ويڊس ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان کي پنهنجي ريڪنگ بهتر بڻائڻ لاءِ سيريز کٽڻ ضروري آهي، اها سيريز ٻنهي ملڪن لاءِ ان لحاظ کان به اهميت واري آهي ڇو ته ٻنهي ٽيمن کي هڪ ڏينهن واري عالمي ڪپ ۾ سڌو سنئون شرڪت لاءِ اچڻو آهي ۽ جيڪا ٽيم ان سيريز کي اڪثريت سان کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ان جا امڪان روشن ٿي ويندا، جڏهن ته ٻي ٽيم کي ڪواليفائنگ مرحلي مان گذرڻو پوندو، هن وقت 5 پوائنٽ جي واڌ سان پاڪستان عالمي درجابندي ۾ اٺين، جڏهن ته ويسٽ انڊيز نائين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *