هيملٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ سڀاڻي کان هيملٽن ۾ شروع ٿيندي، ميچ پاڪستاني وقت مطابق خميس ۽ جمعي جي رات اڍائي وڳي شروع ٿيندي، هن دفعي ٽيم جي ڪپتاني مصباح الحق نه پر محمد رضوان جي حوالي ٿيڻ جو چانس آهي، پاڪستان کي نيوزيلينڊ ۾ 30 سالن کان هڪ به سيريز ۾ شڪست ناهي ٿي، ان سلسلي کي برقرار رکڻ لاءِ هيملٽن ۾ ڪاميابي لازمي آهي، جڏهن ته ڊرا ٿيڻ جي صورت ۾ سيريز ميزبان ٽيم جي نالي ٿي ويندي.