پاڪستان ۽ نائيجريا کي زراعت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو وٺڻ گهرجي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ممنون هسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائيجريا کي زراعت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو وٺڻ گهرجي ٻنهي ملڪن کي تجارت کي هٿي ڏيڻ لاءِ انقلابي طريقا اختيار ڪرڻ گهرجي اها ڳالهه صدر ممنون حسين نائيجريا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ آغا محمد عمر فاروق سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي جنهن پاڪستان جي صدر سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي نئين ذميواري بابت معاملن تي خيالن جي ڏي  وٺ ڪئي صدر کيس نيون ذميواريون سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون ان موقعي تي صدر ٻطرفو لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پارليماني ۽ عوامي سطح تي وفدن جي ڏي وٺ سان پاڪستان ۽ نائيجريا وچ ۾ نه صرف گڏيل پر مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌندا صدر پاڪستان ۽ نائيجريا وچ ۾ ڀاڻ، کنڊ، سمينٽ ۽ پام آئيل جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي زراعت جي شعبي ۾ ماهرن ۽ سائنسدانن جي وفدن جي مٽا سٽا ڪرڻ گهرجي هن چيو ته پام آئل جي شعبي ۾ پاڪستاني سائنسدانن کي تربيت فراهم ڪري. ٻئي طرف پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته وفاقي محتسب جو ادارو انسانيت جي خدمت ۽ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌائي اها ڳالهه صدر ممنون حسين وفاقي محتسب سلمان فاروقي سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ان سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي وفاقي محتسب اداري جي سالياني رپورٽ صدر کي پيش ڪئي ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو سرڪاري ملازمن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي صدر ضلعي سطح تي عوام کي تڪرارن جي حل جي متبادل طريقن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ان سان مستقبل ۾ گهڻو فائدو ٿيندو. صدر هدايت ڪئي ته ان مقصد لاءِ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن سان مشاورت ڪري حڪمت عملي جوڙي وڃي صدر بجلي ۽ گئس صارفين واڌو بلن بابت مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي معاملي جي به حوصله افزائي ڪئي. هوڏانهن پاڪستان جي صدر ممنون حسين ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل ٽان سريداتو کي نشانو امتياز ملٽري عطا ڪيو آهي جنرل ٽان سري داتو کي نشان امتياز ملٽري ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ممنون حسين مليشين فوج جي سربراهه کي نشان امتياز ملٽري سان نوازيو مليشيا جي هٿياربند فوجي سربراهه کي هي اعزاز ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس خدمتن تي ڏنو ويو ان موقعي تي صدر ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي سربراهه کي واڌايون به ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *