پاڪستان ۽ ظالم طبقي جو نظام گڏجي نٿا هلي سگهن: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ۽ هي ظالم طبقو وڌيڪ گڏجي نٿو هلي سگهي سياسي برهمڻ پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، جماعت اسلامي جي عام اجتماع جي تيارين لاءِ مينار پاڪستان جي دوري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ کي ٻه ٽڪرا ڪندڙ ظالم طبقي عوام ۽ ادارن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي هي ماڻهو قومي دولت تي علاج لاءِ لنڊن وڃن ٿا، سراج الحق چيو ته 65 سالن ۾ هڪ ڏينهن به اهو نظام قائم نه ٿيو جنهن لاءِ پاڪستانبڻيو، ظالم طبقي پاڪستاني معيشت کي به يرغمال بڻائي رکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *