پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ 15 جولاءِ تي کيڏي ويندي

پالي ڪيلي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ 15 جولاءِ تي پالي ڪيلي انٽر نيشنل استيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي ۽ پاڪستاني وقت موجب منجهند جو 2 وڳي شروع ٿيندي. گرين شرٽس کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. دمبولا ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان هارايو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ون ڊي 19 جولا3، چوٿين ون ڊي 22 جولاءِ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون دي 26 جولاءِ تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *