پاڪستان ۽ ترڪي جو يمن مسئلي جي پرامن حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق

انقره (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪي، يمن مسئلي جي پــُرامن حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ترڪ هم منصب احمد دائود اوگلو جو چوڻ آهي ته ڏکئي وقت ۾ ٻئي ملڪ سعودي عرب سان گڏ آهن. انقره ۾ وزيراعظم نواز شريف،پنهنجي ترڪ منصب احمد دائود اوگلو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر خاص طور يمن جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته يمن ۾ قانوني حڪومت جي خاتمي تي ڳڻتي آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏينهن ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. هن چيو ته يمن مسئلي جي پـُرامن حل لاءِ پاڪستان ٿو ڪري ۽ ترڪيءَ سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم چيو ته يمن جي صورتحال تي سڄو خطو متاثر آهي، هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان ۽ ترڪي سعودي  عرب سان گڏ آهن. ان موقعي تي ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلو چيو ته خطي جي صورتحال تي ترڪي ۽ پاڪستان ساڳيو موقف رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته يمن جي صورتحال تي سڀني کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي جڏهن ته هــُو ان حوالي سان ايران ۽ سعودي عرب سان رابطي ۾ آهن. ترڪ وزيراعظم احمد دائود اوگلو چيو ته پاڪستان جي خوشي پنهنجي خوشي ۽ پاڪستان جو ڏک پنهنجو ڏک آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف اسلام آباد کان انقره پهتو، جتي ترڪي جي وزير ادريس لوگوس ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري به وزيراعظم سان گڏ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *