پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا سياسي تبديلين کان مٿانهان آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شهبازشريف پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مثالي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي گذريل 75 سالن کان هميشه هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا آهن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سياسي تبديلين کان مٿانهان آهن ڀارت کي آگسٽ 2019 جي پنهنجي فيصلي تي غور ڪري ۽ ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ذميواري کڻڻي پوندي سياسي حل ۽ ڳالهين تي يقين رکان ٿو پي ٽي آئي کي چارٽر آف اڪانومي تي ڳالهه ٻولهه جي دعوتڏني آهي ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري کان اڳ ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هي تاريخي لاڳاپا گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رابطن تي قائم آهن ۽ ٻنهي طرفان سياسي تبديلين کان بالاتر آهن هن چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون ڪن ٿا هن ڪشمير مسئلي تي اصولي حمايت تي ترڪ قيادت جو شڪريو ادا ڪيو وزيراعظم چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطا ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌي رهيا آهن پاڪستان هاڻي اقتصادي تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار جي موجوده سطح هاڻي به اسان جي لاڳاپن جي بهترين حالت جي صحيح عڪاسي نه آهي هي هڪ اهڙو پهلو آهي جتي ٻنهي ملڪن لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن هن چيو ته هتي پنهنجي دوري دوران مان ترڪي جي مشهور ڪاروباري ڪمپنين سان ملاقات ڪري رهيو آهيان ته جيئن توانائي، انفرااسٽريڪچر اِي ڪامرس ميونسپل ايگري بيسڊ انڊسٽري ۽ آئي ٽي جي شعبن سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۾ موجود بي پناهه موقعن مان فائدووٺڻ لاءِ ان جا حوصلا وڌائي سگهجن ڀارت سان واپار بابت وزيراعطم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏيل طور فائديمند واپار سان گهڻو ڪجهه حاصلڪرڻو آهي جڏهن ته پاڪستان 5 آگسٽ 2019 کان پوءِ ڀارت سان لاڳاپا محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جڏهن ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص خودمختياري کي ختم ڪري ڇڏيو هو هنچ يو ته اسان انهن معاشي فائدن مان چڱي طرح واقف آهيون جيڪي ڀارت سان هڪ صحتمند واپاري سرگرمي سان حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته ڪشميري عوام تي مسلسل ظلم ۽ بربريت ۽ ڀارت پاران ڪشميرين جي حقن کان لاڳيتو انڪار جي روشني ۾ اهو تصور ڪرڻ مشڪل آهي ته واپاري محاذ تي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي هن چيو ته ڀارت کي آگسٽ 2019 جي پنهنجي فيصلي تي غور ڪري ۽ ڳالهين لاءِ سازگار ماحول بڻائي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ذميواري کڻڻي پوندي. جڏهن وزيراعظم کان ايشيا پيسفڪ خطي بابت آمريڪا جي پاليسي ۾ پاڪستان جي حيثيت بابت سوال ڪيو ويو ته انهن جواب ڏنو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن. هن آمريڪا سان پاڪستان جا پنهنجا لاڳاپا اڃا وڌائڻ جي خواهش ڏانهن اشارو ڪندي چيوت ه هي سڀ کان وڏي ايڪسپورت منڊي ۽ سيڙپڪاري ۽ آمدني جو هڪ وڏو ذريعو آهي وزيراعظم آمريڪي ڪمپنين تي به زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾س رمايو لڳائين وزيراعظم شهبازشريف زور ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت هيٺ مخلوط حڪومت ڪنهن قسم جي پولورائيزيشن تي يقين نٿي رکي هن چيو ته موجوده حڪومت پي ٽي آئي کان سواءِ صوبن جي سمورن سياسي طاقتن تي ٻڌل آهي هنچ يو ته مان سياسي حل ۽ ڳالهين تي يقين رکان ٿو انهيءَ ڪري مان پي ٽي ائي سميت سمورين سياسي قوتن کي گڏ ويهارڻ ۽ معيشت جي چارٽر تي متفق ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي هن چيو ته پاڪستان لاءِ معاشي لاهن چاڙهن گهٽ وڌائي واري سلسلي کي ٽوڙڻ ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سموريونس ياسي قوتون معاشي پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ ۽ ان مقصد لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن هنچ يو ته اسان سياسي پولورائيزيشن جي خطري کان باخبر آهيون جڏهن ته اسان سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ صلاح مشوري کي هٿي ڏيڻلاءِ ڪم ڪري رهيا اهيون هن چيو ته اپريل ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ترجيح معيشت کي سگهارو ڪرڻ آهي پاڪستان کي ٻاهرين مالياتي دٻاءُ، مهانگائي ۽ خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن سميت ڪيرائي چئلينجز سامهون آهن شهبازشريف چيو ته اسان گذريل حڪومت جي غير فيصلائتي حڪمت عملي جي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون مثال طور ان ۾ بروقت ٻارڻ جي خريداري ۾ ناڪامي ۽ ضروري شين جي اسٽريٽجڪ جا ذخيرن جي اڻ موجودگي شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي ٿي هن غريب عوام کي متاثر ڪيو وزيرقاعظم چيو ته موجوده حڪومت خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقي لاءِ سماجي اقتصادي ڏهائن کي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏنو آهي هن چيو ته حڪومت سخت مالياتي پاليسي، مالياتي خساري ۾ گهٽتائي، غريبن لاءِ رليف پئڪيج ۽ ضروري شين جي اسٽريٽجڪ ذخيرن جي تعمير تي ڪم ڪري رهي اهي هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) ايندڙ قسط جاري ڪندو جنهن سان پاڪستان ۾ سرمايو لڳائڻ لاءِ بين الاقوامي مارڪيٽ جو اعتماد وڌندو اهڙي طرح ناڻي مٽا سٽا جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *