پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ڪرڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي شروع ٿيندي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ڪرڪيٽ ٽيسٽ (سڀاڻي) خميس کان دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. پاڪستاني ٽيم مصباح الحق جي اڳواڻيءَ ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته انگلش ٽيم جي ڪپتاني جا فرض ايلسٽر ڪڪ سرانجام ڏيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 1954ع کان هن وقت تائين کيڏيل 75 ٽيسٽ ميچن مان انگلينڊ 22 ۽ پاڪستان 16 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته 7 ميچون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿيون. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽيسٽ 22 کان 26 آڪٽوبر تائين دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ پهرين کان 5 نومبر تائين شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *