پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ (سڀاڻي) شروع ٿيندي

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ (سڀاڻي) اڱاري کان شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ پاڪستاني وقت موجب ڏينهن جو يارهينوڳي شروع ٿيندي. پاڪستاني ٽيم مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ ميدان م لهندي. جڏهن ته انگلش ٽيم جي ڪپتاني جا فرض ايلسٽر ڪڪ انجام ڏيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 1954ع کان 2012ع تائين کيڏيل 74 ٽيسٽ ميچن مان انگلينڊ 22 ۽ پاڪستان 16 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 36 ٽيسٽ نتيجي جوڳيون نه رهيون. پاڪستاني ٽيم 2012ع ۾ انگلش ٽيم کي سيريز ۾ ڪلين سويپ ڪيو هو ۽ ٻنهي ٽيمن ٽن سالن کان پوءِ ٻيهر متحده عرب امارات جي زمين تي آمهون سامهون ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *