
لاهور (سپورٽس نيوز) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي قدآور فاسٽ بالر محمد عرفان چيو آهي ته پاڪستان ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ نوجوانن کي سينيئر رانديگرن مان سکڻ جو موقعو ملندو. صحافين سان ڳالهائيندي محمد عرفان جو چوڻ هو ته اسلام آباد جي ٽيم جو ڪامبينيشن سٺو آهي. ٽيم ۾ موجود اڌ کان وڌيڪ رانديگر پي ايس ايل ۾ اسلام آباد طرفان کيڏي چڪا آهن.