
فيصل آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ڪپ جي شاندار شروعات سڀاڻي کان فيصل آباد ۾ شروع ٿي رهي آهي ۽ ايونٽ جي پهرين ميچ منجاب ۽ بلوچستان جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندي.پاڪستان ڪپ جون مڪمل ميچون فيصل آباد جي اقبال اسٽِڊيم ۾ کيڏيون وينديون.شروعاتي ميچ پاڪستاني وقت مطابق منهجند جو 3 وڳي کيڏي ويندي.جڏهن ته پنجاب پوليس ۽ فيصل آباد پوليس پاران سخت سيڪيورٽي ڏيڻ جو يقين ڪرايو ويو آهي.سخت سيڪيورٽي ۾ سڀاڻي بلوچستان ۽ پنجاب جون ٽيمون افتتاهي ميچ کيڏندي.جهڙي طرح پي سي بي رانديگرن جي نيلامي لکي ڇُپي هڪ هوٽل ۾ ڪرائي هئي اهڙي طرح خاموشي سان پاڪستان ڪپ جي شروعات سڀاڻي ٿي رهي آهي.