پاڪستان ڪلبوشن سان گهرڀاتين جي ملاقات کي ڀارت خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪري رهيوآهي: ڀارتي پرڏيهي وزير جو الزام

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج الزام مڙهيو آهي ته پاڪستان ڪلبوشن ياديو سان گهرڀاتين جي ملاقات کي ڀارت جي خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪري رهيو آهي انسانيت جي نالي تي ٿيندڙ ميٽنگ ۾ انسانيت ۽ خيرسگالي نظر نه آئي ڀارتي پارليامينٽ ۾ ڪلبوشن ياديو سان ماءُ ۽ زال جي ملاقات جي حوالي سان سشما سوراج الزام هنيو پاڪستان ڀارت جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ملاقات دوران ڪلبوشن انتشار جو شڪار هو هن اهو ئي چيو جيڪو ان کي چوڻ لاءِ چيو ويو هو ڪلبوشن گهرڀاتين کي پاڪستان ۾ حراسان ڪيو ويو جڏهن ته ان جي ماءُ ۽ زال جا ڪپڙا به تبديل ڪرايا ويا. سهاڳڙين کي بيواهن وانگر پيش ڪيو ويو ۽ ملاقاتن کان اڳ منهي عورتن جا منگل سوتر بنديا ۽ چوڙيون به لاٿيون ويون ڪلبوشن ملاقات جي دوران سڀ کان پهريان ماءُ کان پنهنجي پيءُ بابت سوال ڪيو ۽ ميءُ جي ڳلي ۾ منگل سوتر نه ڏسي هو سمجهي ويو ته سندس والد فوت ٿي چڪو آهي سشما سوراج چيو ته ڪلبوشن يادو جي گهرڀاتين کي ٻئي دروازي مان ملاقات لاءِ نيو ويو جڏهن ته ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڪجهه دير کان پوءِ اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي ماءُ مادري زبان مراٺي ۾ ڳالهائڻ گهري پئي جنهن جي اجازت نه ڏني ويئي ان جو انٽرڪام بند به ڪيو ويو پاڪستان هن ميٽنگ جا ته انساني همدردي جي بنياد تي ڏني آهي پر انسانيت جي نالي ٿيندڙ هن ميٽنگ ۾ انسانيت غائب هئي ۽ خيرسگالي به غائب هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *