پاڪستان ڪشمير کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع جي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي بقا جو سفر اسان جي شهيدن جي قربانين سان سجايل آهي، پاڪستان جي بنيادن ۾ شهيدن جو رت شامل آهي، جڏهن به ضرورت پئي ته وطن جي پٽن لبيڪ چيو، جيستائين اسان وٽ اهڙا والدين موجود آهن جيڪي وطن تي جان قربان ڪندڙ سپوت پيدا ڪن ٿا تيستائين پاڪستان کي ڪا به طاقت نقصان نٿي پهچائي سگھي. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۾ جاري بربريت بابت چيو ته ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي عروج تي آهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ڪشمير کي ڪڏهن به حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي اڪيلو نه ڇڏيندو جڏهن ته ڪشميرين تي ظلم اسان جي صبر جو امتحان آهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گھرجي، ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عالمي تنظيمن لاءِ ڳڻتيءَ جو وقت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *