پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ آسٽريليا جي اسٽورٽ لاڪا جو نالو سامهون اچي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مين هيڊ ڪوچ لاءِ آسٽريليا جي اسٽورٽ لاڪا جو نالو سامهون اچي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد ئي 18 لک رپيا پگهار ۽ ٻن سالن جو ڪانٽريڪٽ پيش ڪندو. پي سي بي جي ذريعن موجب چيئرمين شهريارخان ساٿين سان مشاورت کان پوءِ آسٽريليا جي اڳوڻي بيٽسمين اسٽورٽ لاڪا کي قومي ٽيم جي هيٺ ڪوچ لاءِ فائينل ڪري ورتو آهي پي سي بي جلد اسٽورٽ لاڪا سان رابطو ڪري ان کي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ آڇ ڪندو. اسٽورٽ لاڪا سيپٽمبر تائين آسٽريلوي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ لاءِمعاهدو ڪري چڪو آهي جڏهن ته هن پاڪستاني ٽي جي ڪوچ جي عهدي لاءِ به پنهنجي درخوست جمع ڪرائي هئي جيڪا پي سي بي طرفان قبول ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پي سي بي غير ملڪي قوچ لاءِ 18 لک رپيا ماهوار پگهار ۽ ٻيو پئڪيج مختص ڪيو آهي واضح رهي ته آسٽريليا سان تعلق رکندڙ اسٽيورلا 18 آڪٽوبر 1968 ۾ پيدا ٿيو کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ اسٽيورڊ ميڊيم فاسٽ بالنگ به ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *