لاهور(اسپورٽس نيوز)ذريعن جي مطابق اسپاٽ فڪسر بالر محمد عامر سزا ختم ٿيڻ بعد ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته وڏو عرصو ڪرڪيٽ ي دنيا کان پري رهڻ کانپوءِ به منهجي اسپيڊ ۾گهٽتائي ناهي آئي مان محسوس ٿو ڪيان ته منهجي لائن هوريان هوريان ڪنٽرول ۾ اچي رهي آهي اهڙو مسئلو عام طور تي 30سالن کانپوءِ ايندو آهي هن وقت قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بهترين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ بيچين آهيان ،هڪ سوال جي جواب محمد عامر چيو ته جيڪڏهن گرائونڊ ۾ نو بال ٿيڻ جو خدشو هجي ته پوءِ ڪرڪيٽ ئي نه کيڏڻ گهرجي ، سندس جو ڌيڪ چوڻ هو ته غلطي ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي مون هاڻي سبق سکي ورتو آهي سينئير رانديگرن وسيم اڪرم، عمران خان ۽ ٻين جو ٿورائتو آهيان جن منهجي سپورٽ ڪئي هن نوجوان رانديگرن کي نصيحت ڪئي ته ملڪ دشمن عناصرن کان پاسو ڪيو وڃي