پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪراچي سٽي ڪرڪيٽ ايسوسئيشن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪراچي سٽي ڪرڪيٽ ايسوسئيشن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ان کان وضاحت گھري ويندي ته هن اسپاٽ فڪسنگ سبب سڄي ڄمار پابنديءَ سان منهن ڏيندڙ ليگ اسپنر دانش ڪنيريا کي پنهنجي ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ ڇو گھرايو؟ واضح رهي ته ڪمشنر ڪراچي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ افتتاحي تقريب ۾ ڪراچي سٽي ڪرڪيٽ ايسوسئيشن ليگ اسپنر دانش ڪنيريا کي نه رڳو دعوت ڏني هئي پر کيس شيلڊ به پيس ڪيو ويو هو ۽ ان موقعي تي دانش ڪنيريا تقرير پڻ ڪئي هئي. خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪي سي سي اي جي صدر اعجاز فاروقي موجب دانش ڪنيريا کي ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ گھرائڻ جو فيصلو اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿي ويو، جنهن تي کين افسوس آهي ۽ اڳتي ان ڏس ۾ احتياط ڪيو ويندو. ذڪر لائق ڳالهه اها آهي ته ان تقريب ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر سرفراز احمد، اسد شفيق ۽ انور عليءَ کان سواءِ پي سي بي چيئرمين جو صلاحڪار صلاح الدين صلو پڻ موجود هو، اهڙي واقعي پان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪي سي سي اي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *