پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن جي لاءِ ويڪ 13 نون رانديگرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز)  پي سي بي پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن  جي لاءِ وڌيڪ 13 نون رانديگرن  لسٽ جاري ڪري ڇڏي، اهي سمورا رانديگر پرڏيهي آهن جن پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ تي رضامندي ظآهر ڪري ڇڏي آهي. بورڊ پاران جاري لسٽ ۾ 3 رانديگر نيوزيلينڊ  جا به شامل ٿي ويا، جن جا نالا ڪولن منرو، مچل ۽ ليوڪ رونچي آهن، جڏهن ته انگلينڊ مان عادل رشيد ، آسٽريليا مان جان هيسٽنگ، ڏکن آفريڪا جو ايلمي مورڪل  ۽ وائين پارلر به آهن، انهن 13 نون رانديگرن  جي شامل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان  سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي لاءِ سائن ڪندڙ نون پرڏيهه رانديگرن جو انگ هاڻي 20 ٿي ويو آهي، ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ پاران 2017 ۾ اجازت نه ملڻ سبب پي ايس ايل مان ٻاهر ٿيندڙ ويسٽ انڊين رانديگر جيسن هولڊر به واپس اچي ويو آهي.  پي سي بي جي سربراهه نجم سيٺي چيو ته هر سال پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين کان بهترين رانديگر شامل ٿي رهيا آهن.  ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ايندڙ سال 2018 ۾ هڪ نئين ٽيم ملتان سلطان به شريڪ ٿي وئي آهي ۽ اها ٽورنامينٽ فيبروري 2018 ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *