پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي تنقيد جي پٽ کي سزا ڏني پئي وڃي: عبدالقادر

لاهور(اسپورٽس نيوز) ليجنڊري ليگ اسپنر عبدالقادر چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي تنقيد جي سزا سندس پٽ کي ڏني پئي وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان قادر جي ڏکڻ آفريقا طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ واري فيصلي تي 60 سالا عبدالقادر جو چوڻ هو ته پهريان ئي هن جي ٻن پٽن سان انصاف نه ڪيو ويو هو ۽ هاني ڪرڪيٽ بورڊ تي تنقيد جي سزا ٽئين پٽ کي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جڏهن حنيف محمد ۽ ماجد خان جهڙن رانديگرن جي پٽن سان انصاف نه ٿيو ته اتي عبدالقادر جي پٽن کي ڪير پڇندو؟ هن چيو ته ڪڏهن به پٽن لاءِ سفارش ناهي ڪئي. عثمان کي آسٽريليا طرفان کيڏڻ جي آڇ ٿي هئي، پر هن عثمان کي انهن ڏانهن کيڏڻ کان منع ڪئي هئي، جڏهن ته هاڻي عثمان کي ڪير به نٿو پڇي تڏهن هن پٽ کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته 22 ورهين جو عثمان قادر هلندڙ سال سيزن دوران ڏکڻ آفريقا ۾ گريڊ ون ڪرڪيٽ کيڏندي 400 رنس اسڪور ڪرڻ سان گڏ 61 رانديگرن کي به آئوٽ ڪيو هو. هن کي لڳ ڀڳ اڍائي سالن کانپوءِ ڏکڻ آفريقا جي شهريت ملي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *