پاڪستان کي 33 ارب ڊالر امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي: (ٽرمپ)، ٽرمپ افغانستان ۾ ناڪامي تي مايوس آهي: خواجه آصف

واشنگٽن/اسلام آباد/لاهور(م.ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 سالن دوران اسلام آباد کي 33 ارب ڊالرز امداد ڏئي چريائپ ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع جو پهريون ٽوئيٽ ئي پاڪستان بابت ڪيو، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي ڇتي تنقيد ڪئي. هن چيو ته پاڪستان اسان کي ڪوڙ ۽ دوکي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو ۽ اسان جي اڳواڻن کي پاڪستان بيوقوف سمجهيو. پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جلد ٽرمپ جي ٽوئيٽ جو جواب ڏئي دنيا کي سچائي ٻڌائينداسين ته حقيقت ۽ افساني ۾ فرق آهي. پرڏيهي وزير خواجا آصف سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر  ۽ ڪيپٽل ٽاڪ شو ۾ آمريڪي صدر جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته انشاءَ الله جلد ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ جو جواب ڏينداسين ۽ دنيا کي سچائي ٻڌائينداسين. هن چيو ته ٽرمپ افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي تي مايوسي جو شڪار آهي، هن چيو ته اسان آمريڪا کي پهرين ئي نو مور چئي چڪا آهيون، ٽرمپ جي نو مور جي ڪا به اهميت ناهي، آمريڪا کي گهرجي ته افغانستان ۾ فوجي طاقت بجاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪري، امريڪا کي هڪ هڪ پائي جو سرعا حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته صدر ٽرمپ جي بيان تي غُور جي لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو اهي، هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان خلاف بيان کانپوءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن ۾ آمريڪي صدر جي نئين بيان سميت ڏکڻ ايشيا پاليسي جا معاملا به غور هيٺ آندا ويندا. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي سلامتي صورتحال سميت اهم قومي معاملن تي ويچار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *