
لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر حارث رئوف ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن سبب سندس آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت غير يقيني ٿي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان موجب حارث رئوف جو ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي، جنهن کانپوءِ هو آئيسوليشن ۾ هليو ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ ڏيندو پر ڪووڊ جو شڪار فاسٽ بالر جي آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت شڪي آهي.ذريعن موجب ڪووڊ پروٽوڪول تحت هاڻي سموري پاڪستاني ٽيم جون ٻيهر ٽيسٽون ٿينديون ۽ وائرس جو شڪار رانديگرن کي پنج ڏينهن تائين آئيسوليشن ۾ رهڻو پوندو