پاڪستان کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جي تصور موجب بڻايو ويندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي ٻڌي سان گڏ پنهنجي منزل ڏانهن گامزن آهيون سفر ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن تن سالن ۾ دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي مريم اورنگزيب يوم پاڪستان جي حوالي سان تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪ فوج ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي مريم اورنگزيب چيو ته اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي صحت ۽ تعليم جون سموريون سهولتون موجود هجن تصويري نمائش جو مقصد شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسڪولن جا ٻارڙا ۽ سمورن زندگي جي شعبن جا ماڻهو ان تصويري نمائش مان تاريخ جو اندازو لڳائي سگهن ٿا هن چيو ته اسڪولن جي ٻارڙن کي هتي آڻڻ گهرجي ته جيئن انهن کي پنهنجي وڏڙن جي قربانين جي خبر پئجي سگهجي هن چيو ته تصويري نمائش ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ عورتن جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قائداعظم اهو پاڪستان ٺاهيو هو جتي تعليم ۽ صحت ۽ سموريون سهولتون ميسر هيون قائداعظم جو مقصد علامه اقبال جي خواب مطابق پاڪستان ٺهندي ڏسي رهيا آهيون هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ٺاهي رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *