پاڪستان کي عالمي مقابلن ۾ ڀارت هٿان لڳاتار ڇهين شڪست، محمد شامي جون 4 وڪيٽون، ڪوهلي مين آف دي ميچ قرار

ايڊيليڊ(م.ڊ)مصباح اليون قوم جي خوابن جو محل ڊاهي ڇڏيو،ڌوني اليون 76 رنسن تان سوڀ ماڻي ورلڊ ڪپ مقابلن گرين شرٽس کان نه هارائڻ جي روايت برقرار رکي، پاڪستان کي عالمي مقابلن ۾ ڀارت هٿان لڳاتار ڇهين شڪست ڀارت مقرر اوورن ۾ 300 رنسن جو ڳاڻيٽو جوڙيو، ويرات ڪوهلي 107 رنسن جي اننگز کيڏي، رائنا ۽ ڌون ففٽيون ٺاهيون،پاڪستاني شاهين هدف پويان ڊڪندي 47 اوورن ۾ 224 رنسن تي هيڻا پئجي ويا، ڊراپ ڪيچن ۽ ناقص بالنگ شڪست جو بنياد وڌو. رانديگرن ۽ ماهرن جون تاريخ بدلائڻ جون دعوائون اڌ ۾ رهجي ويون. ڊراپ ڪيچن ۽ ناقص بالنگ پاڪستان جي شڪست جو بنياد وڌو، بيٽسمينن جي غير ذميواري آخري مهر ثابت ٿي. تفصيل مطابق آچر تي ايڊيليڊ اوول ۾ ڀارت جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارت جي پهرين وڪيٽ 34 تي ڪري پئي جڏهن روهيت شرما 15 رنسون ٺاهڻ بعد سهيل خان جي بال تي مصباح الحق هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ان موقعي تي ويرات ڪوهلي ۽ شيکر ڌون 129 رنسن جي شراڪت قائم ڪري اسڪور 163 تائين پهچائي ڇڏيو، ڌون 73 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، ان بعد ڪوهلي ۽ سريش رائنا به شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ 110 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 45.2 اوورن ۾ 273 تائين پهچائي ڇڏيو. ويرات ڪوهلي 107 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي سهيل خان جي بال تي وڪيٽن جي پٺيان آئوٽ ٿي ويو. ان موقعي تي ائين پئي لڳو ته ڀارت 330 جو ڳاڻيٽو سولائي سان ٺاهي وٺندو پر ڊيٿ اوورن ۾ سهيل خان ۽ وهاب رياض سٺي بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ آخري 5 اوورن ۾ 27 رنسن عيوض 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڀارت کي 300 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. سريش رائنا 56 بالن تي 74 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا. ڌوني 18، روندرا جديجا 3 ۽ اجڪتيا راها ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. وهاب رياض هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، هدف پويان ڊڪندي پاڪستاني ٽيم 47 اوورن ۾ 224 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. تجربيڪار بيٽسمين يونس خان آئوٽ ٿيندڙ پهريون رانديگر هو جنهن کي ريگيولر اوپنر ناصر جمشيد تي ترجيح ڏني وئي هئي. هو رڳو 6 رنسون ٺاهي محمد شامي جو شڪار بڻجي ويو. حارث سهيل ۽ احمد شهزاد ان موقعي تي سٺي بيٽنگ ڪئي ۽ 18 اوورن ۾ ٽيم جو اسڪور 79 تائين پهچائي ڇڏيو.حارث سهيل ٻيو آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو 36 رنسون ٺاهي ايشون جي بال تي سلپ ۾ سريش رائنا هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. 102 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اميش ياديو هڪ ئي اوور ۾ احمد شهزاد ۽ صهيب مقصود کي ڪيچ آئوٽ ڪرائي پاڪستاني بيٽنگ لائين جي چيلهه ًٻي ڪري ڇڏي. احمد شهزاد 47 ۽ صهيب مقصود ڪا به رنس ٺاهي نه سگهيا، ان کان پوءِ واري اوور ۾ جديجه عمر اڪمل کي ٻڙي تي آئوٽ ڪري فتح جي راهه هموار ڪري ڇڏي. مصباح الحق 76 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، کيس محمد شامي آئوٽ ڪيو. سهيل خان آخر ۾ آئوٽ ٿيو جيڪو رنسون ٺاهي موهيت شرما جو شڪار بڻيو. محمد شامي 4 جڏهن ته موهيت شرما ۽ اميش ياديو 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *