پاڪستان کي سبق سيکاري ڇڏيو آهي، پاڪستان کي بولي نه گولي سان جواب ڏيڻ جو وقت آهي، نريندر مودي

ممبئي، ڌمنگائون (م.ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان خلاف زهر اوڳاريندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان کي سبق سيکاري ڇڏيو آهي ۽ آئيندهه هو سيز فائر جي ڀڃڪڙي جهڙي غلطي کي نه دهرائيندو، پاڪستان کي ٻولي نه گولي سان جواب ڏيڻ جو وقت آهي. انتخابي ريلي کي خطاب ڪندي نريندر مودي چيو ته ڀارت پاڪستان جي مبينا وحشت جو زبردست جواب ڏئي رهيو آهي ۽ اُن پاڪستان کي ٺيڪ ٺيڪ سبق سيکاري ڇڏيو آهي ۽ ان جو منهن بند ڪري ڇڏيو آهي. مودي چيو ته پاڪستان هاڻ اهڙي غلطي ٻيهر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان سان سرحدي علائقن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن جي نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو. مودي پاڪستان کي جواب ڏيڻ تي تنقيد ڪرڻ تي آپوزيشن جماعت ڪانگريس تي ڪڙي نڪته چيني ڪئي ۽ چيو ته ڪانگريس صرف پاڪستان سان سرحد تي ٿيندڙ واقعن تي بيان جاري ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، اهو صرف ان سان ڳالهه ڪرڻ (بولي) جو وقت نه آهي پر اهو گولي جو وقت آهي ۽ گولي سان جواب ڏنو وڃڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *