پاڪستان کي دهشتگردي خلاف قدمن تي ڀارتي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد (بيورو) : پرڏيهي وزارت جي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي معصوم شهرين کي قتل ڪري رهيو آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي دهشتگردي خلاف پنهنجن قدمن تي ڀارتي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران تسنيم اسلم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪابه ٻيڙي گم ناهي، ڀارت وٽ ٻيڙي واري واقعي جو ٺوس ثبوت ناهي، ان سلسلي ۾ ڀارت ۾ به سوال اٿي رهيا آهن. پاڪستان ڀارت سان ڪن هن به قسم جي ڇڪتاڻ نٿو چاهي، پاڪستان جي پوري توجهه ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ضرب عضب تي آهي، ان صورتحال ۾ اسان سرحدن تي ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ان لاءِ لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڪنهن به قسم جي جارحيت جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻ بي بنياد آهي، ڀارت لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي معصوم شهرين کي قتل ڪيو پيو وڃي، ان صورتحال ۾ اسان کي دهشتگردي خلاف پنهنجن قدمن تي ڀارتي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته پيرس ۾ ميگزين جي آفيس تي حملي جي مذمت ڪروين ٿا پر توهين رسالت صه تي پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي ته اسان هڪ ٻئي مذهبن ۽ عقيدن جو احترام ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي پاڪستاني دوري جي حتمي تاريخ طئه نه ٿي هئي، جان ڪيري جي دوري دوران پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ تي ڳالهه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *