پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

هالا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هالا ۾ مخدوم امين فهيم ورسي جي موقعي تي مخدوم محمد زمان ميڊيڪل ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکيو. مخدوم امين فهيم جي ورسي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت جو صحت جي شعبي کي اهميت ڏيڻ ڀيٽا پيش ڪرڻ جوڳو آهي، سول اسپتال ڪراچي ۾ ٽراما سينٽر قائم ڪيو آهي. هن چيو ته هالا جهڙن ننڍن شهرن ۾ بڻجندڙ ميڊيڪل ڪاليج هتان جي ماڻهن کي انهن جا حق ڏيندو جڏهن ته سکر ۾ ڪڊني سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، سکر جي ڪڊني ٽرانسپلانٽ سينٽر سڀني جو مفت ۾ علاج پيو ٿئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي بنياد لاهور ۾ وڌي وئي پر پهريون ڪنوينشن هالا ۾ رکيو ويو. هالا ميڊيڪل ڪاليج اهڙي شخص جي نالي تي بڻجي رهيو آهي جيڪو پنهنجي ذات ۾ انجمن هو، مخدوم امين فهميد پنهنجي والد جي روايتن جو امين بڻيو، پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائينداسين جڏهن ته مخدوم جميل الزمان ۽ آئون هڪ ئي روايت جا امين آهيون. هن چيو ته اسان مخدوم صاحب کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون، سنڌ ۾ 100 ارب رپين  جا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا، پاڪستان کي ترقي پنسد ملڪ بڻائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته  پيپلز پارٽي هر دور ۾ نوجوانن کي روزگار ڏنو، پيپلز پارٽي روايتي سياسي پارٽي پارٽي نه پر هڪ خاندان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *