پاڪستان کي بچائڻو آهي ته چونڊون ڪرائڻيون پونديون، هاڻوڪي حڪومت رڳو ٻن ووٽن تي بيٺل آهي؛ شيخ رشيد

ايبٽ آباد (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قسمت ۾ جلد وڏي جيل لکيل آهي. ايبٽ آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته چور ڪابينا ۾ ويٺا آهن، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله خلاف 15 شاهديون پيش ڪيون، اهو گهرو وزير بڻجي ويو، ڊيزل ملڪ جو صدر بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي پرڏيهي سازش جو نشانو بڻايو ويو، عوام هن حڪومت خلاف عمران خان جي سڏ تي اسلام آباد ايندو، هيءَ پاڪستان جي زندگي ۽ موت جي تحريڪ آهي، پاڪستان کي بچائڻ لاءِ چونڊون ڪرايون وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *