
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي توڙي عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سميت مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو. آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم جي وزيراعظم سان به ملاقات جو امڪان آهي.