پاڪستان ڏينهن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي، هر صورتحال لاءِ تيار آهيون: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسان واصح وارننگ سان گڏ ڏينهن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي آهي ۽ پاڪستان کي مجبور ڪيو ويو ته هر صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪ هوائي فوج جي ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪ هوائي فوج پاڪستاني حدن ۾ رهندي ايل او سي جي پريان ڪارروائي ڪئي، پاڪ هوائي فوج جو اهو قدم ڀارت جي جاري جنگي جنون جي جواب ۾ نه هيو، ڪارروائي جو مطلب پنهنجي بچاءُ جو حق آهي.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان شهري آبادي کي نشانو ناهي بڻايو، پاڪ هوائي فوج جي ڪارروائي ۾ انساني جانين جي تحفظ جو خيال رکيو ويو آهي، ڪارروائي جو مقصد بچاءُ جي حق جي صلاحيت ۽ عزم جو اظهار هو، پاڪستان صورتحال کي بگارڻ نٿو چاهي، جيڪڏهن پاڪستان کي مجبور ڪيو ويو ته پاڪستان هر صورتحال لاءِ تيار آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته اسان نه رڳو دفاع جو حق رکون ٿا پر ڀرپور جوابي ڪارروائي جي صلاحيت به رکون ٿا، ڪارروائي جو واحد مقصد اسان جي ان حق جو مظاهرو هو جيڪو پنهنجي دفاع لاءِ حاصل آهي، اسان جو ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو ڪو به ارادو ناهي پر ڪجهه به ڪيو ويو ته اسان تيار آهيون.  ترجمان جو چوڻ هو ته انڪري اسان واضح وارننگ سان گڏ ڏينهن جي روشني ۾ ڪارروائي ڪئي، اسان ان رستي تي نٿا هلڻ چاهيون ۽ اسان چاهيون ٿا ته ڀارت امن کي موقعو ڏي، ڀارت بالغ جمهوريت جيان مسئلا حل ڪري.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *