پاڪستان ڀارت کي آمريڪي ڊرونز فراهم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ ڄمون ۽ ڪشمير تي ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۴۷ع تي ظالماڻي ڀارتي قبضي جي خلاف مذمت واري قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري تشدد تي عالمي برادري جي مسلسل خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ قائدايوان سينيٽر راجا ظفر الحق قرارداد پيش ڪئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۴۷ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڀارتي فوجين پاران رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري تشدد جي معاملي تي عالمي برادري جي مسلسل خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو، سينيٽ حريت قيادت جي ان موقف جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته پاڪستان جي شموليت کانسواءِ ڳالهين جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوشش نه صرف گڏيل قومن جي پراڻي قراردادن جي خلاف هوندي پر ان سان ڀارت پاران خودمختياري واري حق جي عالمي اصولن کان لاغرضي، غير سنجيدگي ۽ ان جي واضح پائمالي جي به عڪاسي هوندي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هن اهم مسئلي جي حل لاءِ ڀارت سان ٻه طرفي ۽ ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن پر ڀارت اهڙين سڀني تجويزن کي سدائين رد ڪيو آهي، گڏيل قومن، انساني حقن وارين تنظيمن ۽ آمريڪي انتظاميه کي خاص طور تي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب تڪرار جي پرامن حل لاءِ پنهنجي پراڻن واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي. ايوان هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪري ٿو ته ڀارت جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو دعويدار آهي، جمهوري قدرن ۽ اصولن جي خلاف ورزي ڪندي مقامي آبادي جي بنيادي انساني حقن کان مڪمل انڪار ڪيو آهي، سينيٽ ڀارت جي جابراڻي حربن ۽ ڪنٽرول لائين تي جنگ بندي جي خلاف ورزين جي مذمت ڪري ٿو، اسان خودمختياري واري حق لاءِ ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد سان مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ڪريون ٿا. سينيٽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان روڪي، ايوان قرارداد جي منظوري ڏني، ان کان اڳ ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۴۷ع جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان اظهار ڪندي سينيٽر راجا ظفر الحق،سينيٽر سحر ڪامران، سينيٽر اعظم سواتي، سينيٽر مشاهد الله خان، سينيٽر عبدالقيوم، سينيٽر ڊاڪٽر غوث نيازي، سينيٽر جان ڪينٿ وليمز، سينيٽر عتيق شيخ، سينيٽر نزهت صادق، سينيٽر حافظ حمد الله، سينيٽر عبدالرحمان ملڪ، سينيٽر فرحت الله بابر، سينيٽر نهال هاشمي، سينيٽر مشاهد حسين سيد، سينيٽر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، سينيٽر نجمه حميد چيو ته ڀارت ۱۹۴۷ع کان والاريل ڪشمير تي ظالماڻو قبضي ڪري رکيو آهي ۽ انساني حقن جي سنگين پائمالي ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ قراردادون منظور ڪري رکيون آهن، پر ڀارت انهن قراردادن تي عملدرآمد نه پيو ڪري، والاريل ڪشمير ۾ ۲۰۱٦ع کانپوءِ هيستائين سوين بي گناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جڏهن ته پيلٽ گنز جي استعمال سان ماڻهن کي انڌو ڪيو پيو وڃي، انهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد هينئر پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي، ڀارتي حڪومت جو غير انساني رويو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڀارت عالمي برادري جي اکين ۾ ڌوڙ نٿو وجهي سگهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمرين کي انهن جو بنيادي حق ملندو. هنن چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيندو ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، هنن چيو ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. هنن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ برداشت ڪندڙ ڪشميرين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هنن چيو ته نسل در نسل ڪشميرين جون قربانيون آهن، ڪشميري نسلن کان آزادي جو علم بلند ڪري رکيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي نقصان پهچائيندڙ پرويز مشرف کي واپس وٺي ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي، هنن چيو ته نريندر مودي کي پهرين نمبر جو عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ گهرجي، ڀارت دنيا ۾ سڀ کان وڏو انساني ڏوهه والاريل ڪشمير ۾ ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڀارت کي آمريڪي ڊرونز فراهم ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي ۾ طاقت جو توازن خراب ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ الوداعي هفتيوار بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي تحريڪ طالبان ۽ ٻين پابندي مڙهيل تنظيمن جي مدد ڪندو آهي، دهشتگردن جو مددگار ملڪ آهي. هن چيو ته ڪشميري سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن ۽ 70 سالن کان ظلم جو شڪار آهن. سندس چوڻ هو ته بيگناهه نوجوانن تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ عورتن سان لڄالٽ کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. نفيس ذڪريا چيو ته آزاديءَ جي جدوجهد ۾ پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو.  هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪاررواين ۽ قدمن بابت آگاهه  ڪيو جنهن تي ريڪس ٽلرسن پاڪستان  جي قربانين ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *