پاڪستان ڀارت جو جاسوس ڊرون جهاز ڪيرائي وڌو،ڀارتي هاءِ ڪمشنر طلب

راولپنڊي(اي پي پي) پاڪستان اربع ڏينهن لائين آف ڪنٽرول وٽ ڀمڀر ويجهو پاڪستان جي حدن اندر داخل ٿيندڙ ڀارتي جاسوس ڊرون جهاز کي ڪيرائي وڌو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر مطابق ان جاسوس ڊرون کي فضائي فوٽو گرافي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهيسيالڪوٽ جي فڪ ليان سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪئي جڏ0هن ته پاڪ رينجرز پاران جاري ڪارروائي کان وءِ ڀارتي فائرنگ بند ٿي ويئي تفصيلمطابق اربع جي صبح ڀارتي فوج سيالڪوٽ جي ويجهي سرحدي علائقي فڪ ليان سيڪٽرن ۾ فائرنگ ڪئي جنهن جو پنجاب رينجرز پاران ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ ڀارتي فائرنگ بند ٿي ويئي. ذريعن مطابق ڀارتي فورسز پاران ننڍا وڏا هٿيار ۽ مارٽل گولا استعمال ڪيا ويا فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *