پاڪستان پيپلز پارٽي مردم شماري جي طريقي ڪار کي چيلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پوءِ پ پ پ به آدمشماري جي طريقيڪار کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي پ پ پ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت شماريات واري اداري ۽ وڌيڪ کي در بڻايو آهي جڏهن ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آدمشماري ۾ ڪيترن ئي اهم معاملن کي ڳجهو رکيو ويو آهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ اسان جو بنيادي حق آهي ان ڪري آئين مطابق آدمشماري جو طريقيڪار شفاف ٿيڻ گهرجي جڏهن ته ان حوالي سان 12 مارچ تي سنڌ جي وڏي وزير وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي خط به لکيو هو درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آدمشماري غير منصفاڻه ٿي رهي آهي آدمشماري جي عمل ۾ آئين جي آرٽيڪل 4219 جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي پ پ پ عدالت سان آدمشماري لاءِ غير جانبدارانه عملو مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻڌڻي دوران سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته آدمشماري جو عمل سنڌ جي اصل وارثن کي گهٽ ڏيکارڻ جي سازش آهي پ پ پ موقف اختيار ڪيو ته آدمشماري ۾ صرف پاڪستاني ۽ سنڌ جي اصل رهواسين کي ڳڻيو وڃي آدمشماري جو عمل غير شفاف ۽ جانبدارانه آهي. پ پ پ موقف ڏنو ته عوام کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ممڪن بڻايو وڃي غلط داخل ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ٻئي ۽ ٽئين رجسٽريشن جي عمل کي روڪڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ڳالهائيندي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته آدمشماري تي اسان جا خدشا آهن آدمشماري انتهائي اهم معاملو آهي جيڪڏهن معاملو شفاف نه ٿيو ته وفاق ۽ ان جي وحدت لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو آدمشماري جي معاملي ۾ بداعتمادي کي ختم نه ڪيو ويو ته وفاق لاءِ مناسب نه هوندو هن چيو ته معاشري جي مختلف طبقن ۽ صوبن مان شڪايتون اچي رهيون آهن ان کي پ پ پ جو بنيادي مطالبو ان عمل کي شفاف بنائڻ آهي. فرحت الله بابر چيو ته اسان ٻيهر آدمشماري جو مطالبو نه ڪري رهيا آهيون موجوده طريقيڪار کي به شفاف بڻايو وڃي ۽ آدمشمري جي طريقيڪار ۾ آئين کان تڪراري شڪن کي ختم ڪيو وڃي جڏهن ته وفاق کان مطالبو آهي ته شهرين جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *