پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگردي خلاف آواز اٿاريندي رهندي ۽ دهشتگردي جي متاثرن سان گڏ بيٺل رهندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۽ آزاد ڪشمير جي علائقي نيلم وادي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي جنرل سيڪريٽري علامه تصور حسين نقوي الجوادي تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعن کي دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پي پي پي چيئرمين وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جا ظالماڻا ۽ وحشياڻا واقعا وڌي رهيا آهن پر نواز حڪومت اڻڄاتل ڪارڻن جي ڪري قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. سٺا ۽ خراب دهشتگرد واري ٻولي انهن ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي، جن کي جڏهن چاهيو ويو، تڏهن نشانو بڻايو ويو، نه ته دهشتگرد سڄي قوم کي هيسائڻ چاهين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد پنهنجي مرضي تحت نه ٿو ٿي سگهي، جهڙي ريت هن وقت تائين حڪومت ڪندي رهي آهي. هن عزم ورجائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگردي خلاف آواز اٿاريندي رهندي ۽ دهشتگردي جي متاثرن سان گڏ بيٺل رهندي. پي پي پي چيئرمين چيو ته ايم ڊبليو ايم جي جنرل سيڪريٽري علامه تصور حسين نقوي الجوادي تي قاتلاڻو حملو به دهشتگردي آهي. هن پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته دهشتگردي جي مصيبت هاڻي وادي طرف  وڌيرهي آهي. هن دهشتگردي جي واقعن دوران پنهنجا  پيارا وڃائيندڙ خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *