پاڪستان پيپلز پارٽي، پارٽي گولڊن جوبلي تقريبون ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ، پارٽي جون گولڊن جوبلي تقريبون ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، 30 نومبر 2017 تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾جلسو ڪيو ويندو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، ان ئي ڏينهن هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس به ڪوٺائي ويندي، جڏهن ته گولڊن جوبلي تقريبون سڄو سال جاري رهنديون، اهو فيصلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو جمعي تي بلاول هائوس ۾ ٿيو، اجلاس کانپوءِ پ پ اڳواڻ نير بخاري، فرحت الله بابر، چوڌري منظور، شيري رحمان، سيد قائم علي شاهه ۽ ٻيا موجود هئا، پ پ اڳواڻن عدالت کان مطالبو ڪيو ته نواز شريف ۽ ان جي نياڻي مريم نواز، ناٺي صفدر جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي ته جيئن اهي ملڪ مان فرار نه ٿي سگهن، احتساب عدالت ۾ جمعي تي ٿيندڙ واقعو عدالتن تي حملو آهي، ن ليگ پنهنجي تاريخ ورجائي آهي، اهو واقعو سوچيل سمجهيل منصوبابندي جو حصو آهي ته جيئن شريف خاندان تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ ۾ دير ٿئي، نبير بخاري چيو ته جيڪڏهن 30 نومبر تي عيد ميلاد النبي ٿي ته جلسو پهرين ڊسمبر 2017 تي ٿيندو، پ پ جي عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ پرڏيهه کان ڪيترائي وفد شرڪت ڪندا، پ پ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ سڀ کان گهڻيون قربانيون ڏنيون، پهريان 1973 جو آئين ڏنو ۽ ٻيهر ان کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو، نئون اين ايف سي ايوارڊ پ پ جي ڪري ئي آهي، چوڌري منظور چيو ته پ پ جمهوريت ۽ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، پارٽي جي ٽنهي چيئرپرسن ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو شهيد ٿيون، پ پ 4 مارشل لا حڪومتن کي شڪست ڏني، 2017 ۾ پ پ جي گولڊن جوبلي آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي ڏهين ورسي آهي ۽ ان سان گڏ عام چونڊن جو سال به آهي، ان لاءِ اهو سال پ پ لاءِ وڏي اهميت وارو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *