پاڪستان پيپلزپارٽي شريف ڀائرن کي عوام سان دوکي جي اجازت نه ڏيندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، لاهور ۾ تڪراري اورينج ميٽرو لائين منصوبي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي جن جا اباڻا اجها، ڪاروبار ۽  دڪان انتظاميا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، گڏيل قومي جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ماهرن اڳ ئي انهي منصوبي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز ليگ پنجاب جي حڪمرانن کي شاهاڻي سهوليت طور رستو مهيا ڪرڻ لاءِ غريبن جا گهر، ڪاروبار ۽ دڪان بي رحماڻي نموني ڊاهي پٽ ڪيا آهن ۽ گڏوگڏ شهر جي قديمي آثارن کي به ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، مٿان وري احتجاج ڪندڙن کي تشدد ذريعي هيسايو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن ۽ جيالن کي اورينج لائين منصوبي جي متاثرن جا اباڻا اجها، ڪاروبار ۽ دڪان بچائڻ لاءِ ٻيهر ساڻن گڏ بيهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڳ ئي نواز شريف ۽ سندس خاندان جي گهر ڊاهيندڙجٿي طرفان ٿيندڙ غير انساني ڪاررواين خلاف اورينج ميٽرو لائين منصوبي جي متاثرن سان احتجاج ۾ شامل رهيا آهن، پيپلزپارٽي جي چيئرمين پارٽي ڪارڪنن تي زور ڀريو آهي ته لاهور شهر جي هزارين شهرين جي روزگار ۽ قديمي آثارن جي تحفظ جي لاءِ اورينج ميٽرو لائين منصوبي جي متاثرن جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏين، جن کي ” شريف بلڊوزر“ ڊاهي پٽ ڪري رهيا آهن ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز ليگ حڪومت جي انهي قدم جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ جو فائدو سڌي ريت واهپيدارن کي ڏيڻ بدران نواز حڪومت پاڻ ڳڙڪائي وئي آهي، هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ ان جي قيمت 45 رپيا في لٽر کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين نوزليگ حڪومت جي تازو تيل جي اگهن ۾ ڪيل لاٿ کي رد ڪندي پارٽي جي چونڊيل نمائندن کي چيو آهي ته اهي  اورينج لائين منصوبي جي متاثرن جي تحفظ ۽ عوام کي عالمي مارڪيٽ تحت تيل جي اگهن جو ملندڙ فائدو ڏيارڻ لاءِ تيل قيمتن ۽ اورينج ميٽرو منصوبي جا معاملا پنهنجي پنهنجي ايوانن ۾ اٿارين، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شريف ڀائرن کي عوام سان دوکي جي اجازت نه ڏيندي ۽ واهپيدارن جي حقن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته پارٽي عام ۽ پيڙهيل ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ئي ٺهي آهي ۽ سندن حقن ۽ مقصدن جي لاءِ جدوجهد بنا ڪنهن بيهڻ جي هميشه جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *