
بينڪاڪ (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ کانپوءِ هاڻي هاڪي جي ميدان ۾ به سٺي خبر اچي وئي، ويمنز ايشيا ڪپ ڪواليفائيز ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو سيمي فائينل ۾ پهچي ويو.ذريعن مطابق اڄ پاڪستان ۽ سنگاپور جي ٽيمن وچ ۾ ميچ کيڏيو ويو،جيڪو هڪ هڪ گول سان برابر رهيو هو،پوائنٽس جي بنياد تي ٿيندڙ فيصلي پاڪستان کي سيمي فائينل تائين پهچايو.پاڪستان پاران اڪيلو گول افشان نورين ڪيو.