پاڪستان پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪري ورتو آهي، نئون حدف نوجوانن کي روزگار ڏيڻ آهي : عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي چڪي آهي اسان جو اڳيون حدف نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لا3 موقعا فراهم ڪرڻ آهي چين جا پاڪستان سان جنهن قسم جا لاڳاپا/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02

هاڻي آهن اڳ ڪڏهن نه هئا. چين اسان جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي به ڪوشش آهي ته اسان سيڙپڪاري لاءِ چين جي مدد ڪيون پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدن تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته معيشت جو ٻيڙو ٻڏل هو گذريل ٽن مهينن ۾ رپئي جو ملهه بهتر ٿيو آهي ۽ اسان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي وزيراعظم چيو ته رپيو مارڪيٽ ٽريڊ جي سطح تي پهچي چڪو آهي رپئي جو ملهه مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٽيم کي مبارڪونڏ يان ٿو پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي هي ملڪ ترقي ڪندو هن چيو ته سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ پاڻ چيو آهي ته پاڪستان هاڻي سڌي رستي تي هلي رهيو آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻي ٽائر مينوفيڪچرنگ ٿيندا جيڪي اڳ اسمگل ٿي ايندا هئا جنهن سان ٻه شيون ٿينديون هڪ ته اسان کي ٽائر ٻاهران گهرائڻا نه پوندا ٻيو اسان جي ايڪسپورٽ وڌندي جنهن سان اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيندو ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي هن چيو ته اسان ڪرنٽ اڪائونت خسارو گهٽائڻ لاءِ امپورٽ گهٽتائي ڇڏي آهي جڏهن شيون پاڪستان ۾ تيار ٿيڻ شروع ٿينديون ته خسارو گهٽجي ويندو عمران خان چيو ته ڪوشش آهي ته روزگار لاءِ سمورا موقعا حڪومت فراهم ڪري اسان ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون وزيراعظم ٻڌايو ته ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي جڏهن ته خسارو گهٽائڻ لاءِ اسان امپورٽ گهٽائي ڇڏي هئي هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام لاءِ روزگار جو هر موقعو اسان پاڻ فراهم ڪيون ۽ سيڙپڪارن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن هن چيو ته ڪاروبار جي آسانين جي درجي ۾ بهتري مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي جنهن لاءِ هر شعبو ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ايڪسپورٽ وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن کي مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *